ڪراچي: اين اي ڊي يونيورسٽي  جي شاگرد جو قاتل مبينا ساٿي هٿان مارجي ويو

0
105

ڪراچي: اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد بلال جي قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار پوليس مقابلي دوران سندس ساٿي هٿان مارجي ويو.

ايس ايس پي ايسٽ عبدالرحيم شيرازي موجب 15 ڊسمبر تي ضلعي اوڀر ۾ روڊ جي ڪناري تي شهرام باغ هوٽل ۾ هٿياربند ڌاڙيلن ڪجهه ماڻهن کي ڦريو، جنهن دوران اين اي ڊي جي شاگرد بلال بهادري سان ڌاڙيلن جو مقابلو ڪيو، جنهن تي هنن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.

پوليس موجب هڪ جوابدار نظام الدين کي 16 ڊسمبر تي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار جمعا خان عرف لالي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. ايس ايس پي ايسٽ جو چوڻ آهي ته پوليس هڪ مخبر جي اطلاع تي اردو يونيورسٽي ويجهو جمعه خان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، جنهن دوران جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو،

پوليس اختيارين موجب جوابدارن پنهنجي بچاءَ ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار جمعه خان عرف لالي ايس او شاهه محمد مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،

ايس ايس پي ايسٽ موجب، مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان 30 بور جو پستول هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار جمالي ڳوٺ جو رهواسي ۽ ڏوهاري آهي.

ٻئي طرف نارٿ ڪراچي سيڪٽر 8 ۾ فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، جهانگير نالي نوجوان کي اڻڄاتل جوابدارن 3 کان 4 گوليون هنيون، واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم ۽ 30 بور جون گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here