شوڪت ترين جي پنجاب ۽ ڪي پي جي ناڻي وارن وزيرن جي ٽيليفونڪ آڊيو ليڪ

0
117

آءِ ايم ايف کي لکو ته پئسن جي واپسي جي ڪمٽمينٽ نه ٿا ڪري سگهون،“ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ناڻي وارن وزيرن کي هدايت، ٽيليفونڪ آڊيو منظر عام تي اچي وئي، آڊيو ۾ شوڪت ترين پنجاب جي ناڻي واري وزير کي چوي ٿو ته آءِ ايم ايف کي 750 ارب جي ڪمٽمينٽ ڏني هُئي، هاڻي کين اهو چوڻو آهي ته ڪمٽمينٽ ٻوڏ کان اڳ ڏني هُئي، هاڻي ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻو پوندو، اُن لاءِ ڪمٽمينٽ پوري نه ٿي ڪري سگهجي، اهوئي کين لکڻو آهي ۽ ٻيو ڪجهه ناهي ڪرڻو. آڊيو ۾ شوڪت ترين چوي ٿو ته هُو چاهين ٿا ته هنن تي دٻاءُ وڌي، هي بلڪل اسپاٽ فري وڃي رهيا آهن اهو ٿيڻ ناهي ڏيڻو، پنجاب جو ناڻي واري وزير محسن لغاري شوڪت ترين کان سوال ڪري ٿو ته ڇا اُن سان رياست کي نقصان نه پهچندو؟ شوڪت ترين جواب ۾ چوي ٿو ته هي جهڙي ريت چيئرمين ۽ ٻين کي ٽريٽ ڪري رهيا آهن اُن سان رياست جو نقصان نه پيو ٿئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here