دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي

0
89

دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ٿي وئي .ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڪراچي جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پيش ٿيا. عدالت ۾ فريادي ڌر پرويز احمد چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو نه آيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ايم پي اي ڀائرن پاران دادو جي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست سبب ڪيس جي ٻڌڻي چوٿون ڀيرو بنا ڪيس هلڻ جي ملتوي ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here