نوازشريف جي لنڊن وڃڻ ۽ پوءِ واپس نه اچڻ جي معاملي تي فواد چوڌري شهباز شريف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

0
65

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ رياست کي ڌر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته هن لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف نوازشريف جي طبيعت خراب هجڻ سبب پرڏيهه وڃڻ جو ضامن هو. هن کي بطور ضامن نوازشريف کي ملڪ واپس آڻڻو هو پر ان جي ابتڙ نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو نوازشريف هن وقت فرار آهي،  فواد چوڌري درخواست ۾ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ڌر بنجڻ واري منهنجي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو وڃي ته نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نامي بابت ڪيس ۾ کيس ڌر بڻايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here