شهباز گِل کي دل جي تڪليف ناهي،صحت اطمينان جوڳي: پمز اسپتال

0
101

اسلام آباد جي پِمز اسپتال، پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ شهباز گِل جي صحت اطمينان جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس دل جي تڪليف ناهي، 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ شهباز گِل جو ابتدائي طبي معائنو ڪيو، اسپتال ذريعن موجب شهباز گِل جي رت جون ٽيسٽون ۽ اي سي جي ڪئي وئي، اسپتال انتظاميه موجب، بيچيني وڌڻ سان دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي، پر شهباز گِل کي دل جي تڪليف ناهي، ذريعن موجب شهباز گِل جو اڄ ٻيهر طبي معائنو ڪيو ويندو، ميڊيڪل رپورٽ به اڄ ئي تيار ڪري شهباز گِل کي ڊسچارج ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here