ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران فارم هائوس تي غيرقانوني اڏاوتن جي شڪايت تي اعظم سواتي جي گھر واري کي نوٽيس جاري

0
132

ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) فارم هائوس تي غيرقانوني اڏاوتن جي شڪايت تي اعظم سواتي جي گھر واري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

سي ڊي اي نوٽيس ۾ فارم هائوس کان 7 ڏينهن ۾ غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جيڪڏهن غيرقانوني اڏاوتون ختم نه ڪيون ويون ته ڪارروائي ٿيندي.

نوٽيس ۾ گڏيل طور تي چئن غيرقانوني اڏاوتن جي سرڪاري خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، چيو ويو آهي ته هي غيرقانوني اڏاوت لاءِ ڪيل بيسمينٽ فوري ختم ڪرايو.

خط موجب غيرقانوني گرائونڊ فلور، ٻه عدد بيسمينٽ ۽ گارڊ رومز ست ڏينهن ۾ ختم نه ڪيا ويا ته سي ڊي اي انفورسمينٽ وڃي مسمار ڪرائيندو

اختيارين جو موقف آهي ته 3 سالن کان وڌيڪ عرصي کان سي ڊي اي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس اماڻي چڪو آهي پر عملدرآمد نه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي گھر واري بلڊنگ ڪنٽرول ريگوليشنز جي ڀڃڪڙي ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here