ڪورونا جي نئين لهر جو خدشو: پرڏيهه کان ايندڙ مسافرن جي اسڪريننگ لازمي قرار

0
85

اسلام آباد: ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت سمورن ايئرپورٽس تي ملڪ ۾ ايندڙ مسافرن جي اسڪريننگ ڪرڻ سان گڏ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

سنڌ حڪومت ملڪ ۾ ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ کي لازمي قرار ڏيڻ ۽ ٽيسٽ ٿيڻ جي صورت ۾ متاثر مسافر کي قرنطينه ۾ رکڻ بابت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي خط لکيو آهي.

ڪالهه (29 ڊسمبر) تي اين سي او سي جي اجلاس دوران سڀني ايئرپورٽن تي جراثيم جي خاتمي واري اسپري ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي لازمي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي صدارت هيٺ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو هو،

اجلاس کانپوءِ صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل تسلي ڏيندي چيو هو ته پريشان ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح رڳو 0.5 سيڪڙو آهي. ان کان علاوه هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جتي 90 کان 95 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here