وزيراعظم ميان سياسي صورتحال تي غور لاءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڏائي ورتو

0
219

وزيراعظم شهباز شريف موجوده سياسي ۽ ملڪي صورتحال تي غور لاءِ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي سومر 2 وڳي طلب ڪري ورتو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا

وزيراعظم هائوس پاران اجلاس لاءِ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما اماڻيا ويا آهن اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت اتحادي پارٽين جون تجويزون پيش ڪيون وينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here