ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ مڙس سندس زال کي ڇُرين جا وار ڪريَ قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب پيراڻو ڳوٺ ۾ جوابدار جهانزيب سندس زال سڪينه کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس ٻڌايو ته جوابدار جون ٻه شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته هن سندس ٻي زال قتل ڪيو، جنهن مان کيس ٽِن ٻارڙن جو اولاد آهي مقتولا جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته جوابدار سندس ڀيڻ کي روز تشدد جو نشانو بڻائيندو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، سندس ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن