بلوچستان ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي،ڪوئيٽا آفت سٽيل قرار

0
110

بلوچستان ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، جاني ۽ مالي نقصان کانپوءِ بلوچستان سرڪار ڪوئيٽا کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، 24 ڪلاڪن دوران گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ، پاڻي ۾ لُڙهي وڃڻ ۽ ٻڏڻ سبب 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 20 کان وڌيڪ زخمي، بلوچستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب، قلعه سيف الله، زوب، پشين، هرنائي ضلعا تمام گهڻو متاثر ٿيا، مسلم باغ، قمر الدين ۽ خشنوب ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، رابطي جي پُل لڙهي وڃڻ سبب خشنوب جو رابطو ٻين علائقن کان ڪٽجي ويو، مهتر زئي، لوئي بند ۽ راغا سلطان زئي ۾ به روڊ پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here