ڪويت جي ولي عهد پارليامينٽ ٽوڙي عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
115

ڪويت جي ولي عهد پارليامينٽ ٽوڙي عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪويت جي ولي عهد شيخ ميشل الاحمد الصباح چيو آهي ته پارليامينٽ کي ٽوڙڻ کانپوءِ قانون ۽ آئين تحت عام چونڊون ڪرايون وينديون.هن چيو ته ڪويت جي آئين جي آرٽيڪل 107 جي بنياد تي، ملڪ جي سياسي رستي کي درست آهي.هن چيو ته عوام پاڻ انهن ماڻهن کي چونڊي سياسي منظر نامي کي درست ڪري سگهي ٿو جيڪي انهن جي بهتر نمائندگي ڪري سگهن.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ سڌارن تي اسيمبلي ۽ حڪومت وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا جنهن سبب اسيمبلي ٽوڙي وئي آهي. اختلافن سبب ڪويت جي ولي عهد اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، جنهن موجب نئين اسيمبلي جي قيام تائين ضروري معاملا شاهي فرمان ذريعي هلايا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here