ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به زورائتي مينهن جي اڳڪٿي

0
106

موسميات کاتي ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به زورائتي مينهن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ ڇِپون ڪِرڻ جو خدشو آهي، چيف ميٽرولاجسٽ موجب ڪراچي سميت سنڌ جي اوڀر وارن علائقن ۾ 17 ۽ 18 آگسٽ تي زورائتو مينهن ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب شهر ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 19 آگسٽ تائين مينهن ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب، چوماسي جو هڪ ٻيو سسٽم 23 يا 24 آگسٽ تي سنڌ تي اثر انداز ٿيندو، برساتن سبب ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، نوابشاهه، ٺٽي، بدين، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، بلوچستان ۾ 21 آگسٽ تائين، برساتن جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here