اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان جو اشرف غني کان به برو انجام ٿيندو
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪپتان چوي ٿو هو رانديگر آهي، ڪائونٽر ڪرڻ اچي ٿو
هن چيو ته کيس نه ڇيڙيو، هو سياسي ماڻهو آهن، سياست ڪرڻ هنن جو بنيادي حق آهي، عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي
مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان جو ڪردار عوام سامهون اچي ويو آهي، هو غيرملڪي طاقتن ذريعي اقتدار ۾ آيو
سندس چوڻ هو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي، عمران خان هاڻي وزيراعظم ناهي رهيو هو