پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري نوابشاهه سيف سٽي سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
113

پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري نوابشاهه پوليس لائين ۾ قائم سيف سٽي سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ڊي آءِ جي خادم حسين رند، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهور، ايس ايس پي امير سعود مگسي ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس اھلڪار موجود هئا.شھر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ مانيٽرنگ لاءِ مختلف چوڪ، چوراھن ڪاروباري مرڪزن شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون. سيف سٽي سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته هي پراجيڪٽ آصف علي زرداري پاران شھرين لاءِ ھڪ خاص تحفو آھي .ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته سيف سٽي اھم پروجيڪٽ آھي جيڪو پنھنجي مدد پاڻ تحت مڪمل ڪرايو آھي، منصوبي سان شهر ۾ بدامني تي ڪافي حد تائين ضابطو اچي ويندو…ٽ ٽ امتياز ڪيريو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here