فوتي عورت عظميٰ علي جي مڙس صدام جوڻيجو ، ٻارڙن ۽ آل چانڊيا اتحاد جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ دانهيندي چيو ته نيشنل هاءِ وي تي ڪار سوار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو هو جنهن ۾ سندس گهرواري عظميٰ ۽ 4 ورهين جو پٽ آذان پويان ايندڙ ٽرالر هيٺان اچي فوت ٿي ويا
هن الزام هنيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود شاهه لطيف پوليس ڪار سوار عابد لنگڙا عرف عابد ڪٻاڙي کان رشوت وٺي سندس ڌر بڻجي وئي آهي هن مطالبو ڪيوته واقعي ملوث ڪار ڊرائيور عابد لنگڙا خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي