سنڌ اسيمبلي ۾ پشاور پوليس لائن ڌماڪي خلاف مذمتي ٺهراءُ

0
52

پ پ ايم پي اي ندا کهڙو ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر رعنا انصار ڌار ڌار ٺهراءَ پيش ڪيا.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پشاور ڌماڪي ۾ هڪ سئو نمازي شهيد ٿيا، شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهن.

ايوان پشاور ڌماڪي خلاف مذمتي ٻئي ٺهراءَ يڪراءِ منظور ڪري ورتا.

هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن واري ساهيءَ ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ته سنڌ ۾ 2 ڊي اين اي ٽيسٽنگ مشين آهن، جڏهن ته ريسرچ ليب به موجود آهن، جيڪي به ڪيس ايندا آهن انهن جي ٽيسٽ ڪيا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سول اسپتال ۾ ايم آر آئي ۽ سي ٽي اسڪين مشين جو مدو مڪمل ٿي ويو آهي، ايم آر آءِ مشين کي مرمت ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، نيون مشينون به خريد ڪيون پيون وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here