وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويٺو آهي :شيري رحمان

0
112

ڏڦيڙ وجهڻ بدران وزيراعظم ايوان ۾ اڪثريت ثابت ڪري.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سينيٽر شيري رحمان ۽فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسپيڪر اسد قيصر ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ اتحادين وٽ وڃي ووٽ گهري رهيو آهي.شيري رحمان چيو ته حڪومتي وزير هر هنڌ گاريون ڏئي رهيا آهن، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي، حڪومت ڀلي ڪجهه به ڪري.سندن چوڻ هو ته اسد قيصر پنهنجي عهدي جي توهين ڪئي آهي، آئين جي ڀڃڪڙي تي اسپيڪر خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هارائي چڪي آهي، عمران خان فساد بدران عهدي تان ڌار ٿي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here