پنجاب اسيمبلي جو اجلاس مختصر ڪارروائي بعد 6 جون تائين ملتوي

0
156

پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي نه هلي سگهي، پئنل آف چيئرمين ميمبرن جي نه پهچڻ سبب اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ خارج ڪري ڇڏي.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ 6 جون تائين ملتوي ٿي ويو، اڪثر ميمبر سخت سڪيورٽي ۽ پوليس جي ڪڙي سبب ايوان ۾ نه پهچي سگهيا. پنجاب اسيمبلي جي ايوان ۾ رڳو 26 ميمبر شريڪ ٿي سگهيا.پينل آف چيئرمين ميان شفيع اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ غير فعال ڪري ڇڏي.اسيمبلي جو اجلاس 26 ميمبرن جي موجودگي ۾ شروع ٿيو، پينل آف چيئرمين ميان شفيع اجلاس جي صدارت ڪئي.پينل آف چيئرمين رولنگ ڏيندي چيو ته اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوبه ميمبر ناهي، جنهن سبب اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ غير فعال ٿي وئي آهي.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس مختصر ڪارروائي بعد 6 جون تائين ملتوي ٿي ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here