آرمي چيف جو ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري آئيڊياز 2022 نمائش جو الوداعي دورو

0
166

Times New Roma

 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري آئيڊياز 2022 نمائش جو الوداعي دورو ڪي

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  ڪراچي ايڪسپوسينٽر ۾ آئيڊياز 2022 جو دورو ڪيو ۽ مختلف اسٽالز تي موجود آئٽمز جو جائزو ورتو ۽ نمائش ۾  مختلف شريڪ ٿيندڙن سان ڳالهه ٻول ڪئي.

جنرل قمر جاويد باجوا بحرين، اٽلي، سري لنڪا، ليبيا، زمبابوي ۽ گڏيل عرب رياستن جي نمائندن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن بعد مليرگيريزن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.

آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان  الوداعي ملاقاتون ڪيون ۽ سندن پيشيوراڻن مهارتن ۽ ڊيوٽي جي ساراهه ڪئي، هن تازو ٻوڏ ۾ فوجين جي امدادي ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي اچڻ  تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد آرمي جي آجيان ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here