اندازي کان وڌيڪ امداد ملي، وزيراعظم کي مبارڪون، سندس پرڏيهي پاليسي ڪامياب وئي: بلاول ڀٽو

0
84

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي  ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اندازي کان وڌيڪ امداد ملي آهي، پاڪستان لاءِ 9 ارب ڊالرز امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو آهي، وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکي گهڙي ۾ سموري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن جا ٿورائتا آهيون،

ڪانفرنس جو مقصد ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم کي تيز ڪرڻ آهي.ان کان اڳ وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم کي مبارڪ هجي، ان جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي وئي، اسان 8 مهينن کان محنت ۽ ڪوششون ڪري رهيا هئاسين، جن رنگ لاتو آهي، اسانجي ڪاميابي آهي ته هدف کان وڌيڪ امدادي رقم گڏ ڪئي، اوڀر کان اولهه تائين پوري دنيا اسانجي مدد ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امدادي اعلانن سان اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته امداد ملڻ کانپوءِ سمورا مسئلا حل ٿي ويا آهن پر ائين ناهي، اڄ به ٻوڏ متاثر مشڪلاتن جو شڪار آهن، اهي بي گهر آهن، زراعت کي نقصان پهتو آهي، مسئلا گهڻا آهن، متاثرن جو تعداد به گهڻو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ امداد جو ٽارگيٽ پورو ڪيو، جلد امدادي رقم ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪري کين بحال ڪنداسين، پاڪستان جي خراب معيشت جو تاثر جنيوا ڪانفرنس کانپوءِ ختم ٿي ويو آهي، معيشت بابت غلط فهمي پيدا ڪئي وئي. هن چيو ته سياري جي موسم سبب ٻوڏ متاثرن جون مشڪلاتون وڌيون آهن، سڀن کي اپيل آهي ته بوڏ متاثرن لاءِ جيڪا به امداد موڪلي سگهو ٿا موڪليو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here