12 مئي سانحي بابت پيغام، زندهه قومون اهڙن سانحن مان سبق سکنديون آهن: بلاول ڀٽو زرداري

0
91

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 12 مئي سانحي بابت جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته زندهه قومون اهڙن سانحن مان سبق سکنديون آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو 12 مئي سانحي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪن ٿا.سندس چوڻ هو ته 3 ڪروڙ آبادي رکندڙ شهر هاڻي ترقي لاءِ کليو آهي، شهيدن جون قربانيون رائگان نه وينديون.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جي قربانين سان ئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي آهي، عدليا ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ وڪيلن وڏيون قربانيون ڏنيون.سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري جماعت آهي، شهيدن جي قربانين کي رائگان ٿيڻ نه ڏينداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here