بلاول ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات لاءِ برطانيه پهچي ويو

0
115

سياست جو مرڪز پاڪستان کان لنڊن ٿي ويو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو خانگي اڏام بي اي 261 ذريعي روانو ٿيو.ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لنڊن ۾ نواز شريف سان اهم ملاقات ٿيندي.پيپلز پارٽي جو وفد به لنڊن روانو ٿيندو جتي نواز شريف سان ملاقات ٿيندي.وفد ۾ خورشيد شاهه، نويد قمر، شيري رحمان ۽ قمر زمان ڪائره شامل آهن.ملاقات ۾ صدر، چيئرمين سينيٽ ۽ گورنر پنجاب جي عهدن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ وطن واپسي تي سندس عهدي جو حلف کڻندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here