ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اي ميل ذريعي آءِ ايم ايف کي پيشگي قدمن سان آگاهه ڪيو، ٽن مان چئن نقطن تي عمل بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو آهي
واضح رهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کان پهرين ئي پاڪستان تي ڪيئي شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو
پاڪستان انهن شرطن منجهان بجلي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر به گهٽ ڪئي وئي آهي
ان کانسواءِ پاڪستان هاري پيڪيج ۽ برآمدي شعبن شعبي لاءِ بجلي جي بلن تان سبسڊي به ختم ڪري ڇڏي آهي پاڪستان گهريلو واهپيدارن جي بجلي بلن تي سرچارج جولاءِ 2022ع کان لڳائي وصولين جي شيڊول کان به آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي