اسلام آباد هاءِ ڪورٽ،عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين مذهب ڪيس جي ٻڌڻي

0
80

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڄ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين مذهب ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ موڪل واري ڏينهن به کُلي وئي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. سڄي ملڪ ۾ داخل توهين مذهب جي ڪيسن کي پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.درخواست ۾ فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ويو ته کيس ۽ ڪيس ۾ نامزد سندس ساٿين کي هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن کي رڪارڊ تي آڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ايف آءِ اي يا پوليس جو ڪوبه ايڪشن غير قانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت شهباز گِل جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here