عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار جي موبائل مان اهم رڪارڊ هٿ،3 نمبرز اهم قرار

0
111

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار نويد جي موبائيل فون جي فارنزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي

فارنزڪ رپورٽ  موجب جوابدار نويد جي فون مان ٻن مختلف ڪمپمنين جون سمون هٿ آيون آهن، جوابدار وٽ هڪ نمبر ” نه آهي، نه هوندو نه رهندو جي “ جي نالي سان سَيو هو، فون مان 138 فون نمبرن ۽ 1869 ڪالز جو رڪارڊ مليو آهي

رپورٽ موجب جوابدر جي فون مان 337 ايس ايم ايس، 1956 تصويرون ۽ 212 وڊيوز مليا آهن جڏهن ته جوابدار جي فون مان ڊيليٽ ڪيل ڊيٽا ريڪور نه ٿي سگهي آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار نويد جي فون جي آڊيو ۽ وڊيو جي ڊي وي ڊي ٺاهي جي آءِ ٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي

رپورٽ ۾  جوابدار جي فون ۾ ٿائيلينڊ جو هڪ نمبر ۽ ٻن مقامي نمبرن کي  جاچ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here