آئين ٺاهڻ عدالتن جو ڪم نه آهي، عدالتن جي چوڻ تي 19هين ترميم ڪرڻ غلطي هئي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

0
85

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب، سندس چوڻ آهي ته 58ٽوبي نئين شڪل ۾ عدالت ڏانهن هليو ويو آهي، عدالتن جي چوڻ تي 19هين ترميم ڪرڻ غلطي هئي، ان وقت جواب ڏنو وڃي ها ته هي وقت نه اچي ها، ائين نٿو ٿي سگهي ته ملڪ ۾ ٻه آئين هلن، آئين ٺاهڻ عدالتن جو ڪم نه آهي، جڊيشل رفامرز تائين جمهوريت جو سفر مڪمل نه ٿي سگهندو، سندس چوڻ آهي ته مرضي جا فيصلا نه ٿين ته ملڪ 3 ٽڪڙا ڪرڻ جون ڳالهيون ئي نه ٿين، ادارن جو ڪردار تڪراري نه هجڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جو مطلب رڳو چيف جسٽس نه سمورا ميمبر آهي، سليڪٽيڊ اقتدار لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here