قاضي احمد ڀرسان حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي فوت

0
217

قاضي احمد ويجهو تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿيڻ بعد باهه لڳي وئي، جنهنجي جي نتجي ۾ 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.قومي شاهراهه وٽ ڪار ڪلٽي ٿيڻ بعد باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪار سوار 3 عورتن ۽ 3 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.ڪار حيدرآباد کان مورو وڃي رهي هئي ته خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي.اطلاع تي مقامي ماڻهن ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.پوليس جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب فوتين جا مڙهه سڙي ڪوئلو ٿي ويا آهن، جنهن سبب سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here