سموري ملڪ جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه

0
266

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي عدم اعتماد جي تحريڪ کان اڳ ڪري وٺي، اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ ۾ عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي جا ميمبر جيڪي عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهن، انهن عوام جو فيصلو سمجهي ورتو آهي.وزير اعلي سنڌ جهانگاره ۾ پ پ اڳواڻ سيد غلام حسين شاه جي ورسي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ جي عوامي لانگ مارچ ۾ هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ مان ماڻهن شرڪت ڪئي، ماڻهن لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪري نيازي حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو سئو سيڪڙو ووٽ کنيا، جنهن سبب عمران نيازي مايوس ٿي ويو آھي.مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن به ميمبر کي ڪير به خريد نٿو ڪري، ناڪام ماڻهون اهڙيون ڳالهايون ڪندا آھن، سياسي ماڻهون اهڙي ٻولي ناهن ڳالهائيندا جهڙي طرح ملڪ جو وزير اعظم پيو ڳالهائي رهيو آهي.هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ناهل وزير اعظم کي جلد گهر ڀيڙو ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here