حمزه شهباز جي روشن گهر پروگرام کي اليڪشن ڪميشن 17 جولاءِ تائين معطل ڪري ڇڏيو

0
122

پنجاب جي وڏي وزير جي روشن گهر پروگرام کي اليڪشن ڪميشن 17 جولاءِ تائين معطل ڪري ڇڏيو، روشن گهر پروگرام بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي ٻڌڻي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، وڪيل خالد اسحاق ، پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جو جواب جمع ڪرايو، حمزه شهباز جي وڪيل خالد اسحاق اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته جنهن پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي، اُن جو تعلق چونڊن وارن تڪن سان ناهي، پنجاب جا 90 لک ماڻهو پروگرام مان لاڀ ماڻي سگهندا، 100 بلين رُپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن، سندن مقصد سياسي فائدو حاصل ڪرڻ ناهي، اليڪشن پروگرام معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ننڍين چونڊن کانپوءِ ڀلي پروگرام شروع ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here