جڏهن به عدالت طلب ڪيو آهي پنهنجي پيشي يقيني بڻايو آهي، عدالت ۾ پيش ٿيڻ فرض به آهي ذميواري به،“ وزير اعظم شهباز شريف عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته هاڻي سندس ڪُلهن تي تمام ڳري ذميواري آهي، قومي ذميوارين جي ادائيگي سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، چنيوٽ ۾ نالي جي اڏاوت مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي، پنجاب ڪابينا کان منظوري به ورتي وئي هُئي، وڏي وزير طور عوامي ترقي ۽ ڀلائي کي اوليت ڏني هُئي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ وقت شگر ملز بدران هارين جي مفادن کي نظر ۾ رکيو