پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ختم ٿي ويندو

0
59

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ آئين ختم ٿي ويندو
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، هي وقت به گذري ويندو. نوازشريف، فضل الرحمان ۽ ٻيا ايترو بار نه کڻن جو سندن چيلهه ٻيڻي ٿي وڃي.
هن چيو ته پنجاب ۾ اهڙو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي سندس گهر وارا ٻيون ڀيرو کائڻ لاءِ ٻوڙ به ناهن ڏيندا، مان اڄ پنجاب جي وڏي وزير تي ڳالهائي رهيو آهيان ٿي سگهي ٿو ته ان تي به نوٽيس اچي وڃي، ڪهڙو بيوقوف هنن کي ائين ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيو آهي.
فواد چوڌري چيو ته هو گرفتارين کان ڊڄڻ وارا ناهن، هو ادارن مان آهن ۽ ادارا سندن مان آهن، هي پنهنجا آخري 3-4 مهينا گذاري وٺن. پي ٽي آءِ جي ايندڙ حڪومت کان پوءِ هڪ نئين اپوزيشن جنم وٺندي.
هن چيو ته(ن) ليگ جي اڳواڻن جي عمر 80-80 سال آهي. ڪوبه نوجوان هنن سان گڏ نه آهي. هي پنهنجي آخري اسيمبلي جو مدو گذاري وٺن. مريم نواز تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز ڪنهن نفسياتي ڊاڪٽر کان پنهنجو علاج ڪرائي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here