اسٽيٽ بئنڪ ۾ ناڻي جي ذخيرن ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي اچي وئي

0
104

ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن

 اسٽيٽ بئنڪ موجب هڪ هفتي دوران مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا 294 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 6 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 5 ارب 82 ڪروڙ 19 لک ڊالرن جي خطرناڪ سطح تي پهچي ويا

ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 88 ڪروڙ 50 لک ڊالر آهن، ان ڪري مرڪزي بئنڪ جي ذخيرن جي سطح ڪمرشل بئنڪن کان به وڌيڪ گهٽجي وئي آهي

اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ڪل ذخيرا 11 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جي سطح تي آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here