حمزه شهباز جي وزير اعليٰ طور حلف برداري واري درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ اڪلائي ڇڏي

0
112

عدالت صدر کي گورنر جي انڪار کانپوءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس امير ڀٽي حمزه شهباز کي وڏ وزارت جو حلف نه کڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪندي حڪم ڏنو ته گورنر قسم کڻائڻ کان عذر ظاهر ڪيو آهي.عدالت حڪم ڏيندي چيو ته گورنر قسم کڻائڻ کان انڪار ڪري نه ٿو سگهي، صدر مملڪت قسم کڻائڻ لاءِ نمائندو مقرر ڪري.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏيندي چيو آهي ته عدالت جو فيصلو فوري طور صدر پاڪستان کي پهچايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here