حيدرآباد جي عدالت فوت ٿيل رڪشا ڊرائيور جي قتل ڪيس مان هڪ جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

0
133

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڦليلي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران فوت ٿي ويل رڪشا ڊرائيور جي قتل ڪيس مان هڪ جوابدار جي گرفتار کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي.جوابدار شبير احمد آرائين وڪيل معرفت ضمانت کان واري درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد احسان خان دراني جي عدالت جوابدار جي درخواست 50 هزار رپين عيوض هڪ هفتي لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي.ڄاڻايل ڪيس مان 22 مارچ تي لاڳاپيل عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد ٻن ڀائرن شاهزيب آرائين ۽ سني آرائين هاءِ ڪورٽ پهچي ضمانت ڪرائي هئي.ياد رهي ته 10 جنوري تي پريٽ آباد واري علائقي ۾ نارين کي نازيبا الفاظ ڳالهائڻ واري معاملي تان آرائين بارادرين ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ پيرسن رڪشا ڊرائيور بابو آرائين دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو هو.مقتول جي پٽ علي رضا آرائين جي فرياد تي چئن ڀائرن سميت 6 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here