ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڏوهارين، قبضا ۽ ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، ايجنڊا ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ ڪرائيم، انٽيلينس رپورٽون، غير قانوني لڏپلاڻ، زمينن تي قبضا شامل، گهرو سيڪريٽري پاران اجلاس کي امن امان لاءِ کنيل قدمن ۽ ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني ويئي، وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ڏوهن تي ضابطي لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اسٽريٽ ڪرائم، قبضا ۽ ڊرگ مافيا خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي به هدايت، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪنهن به حالت ۾ رياست مخالف سرگرمين کي برداشت نه ڪيو ويندو، امن امان جي بحالي لاءِ قيمت ادا ڪئي آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪجهه ملڪ دشمن عنصرن کي معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو