عمران اسيمبليون ٽوڙيندو ته ڪامياب اسان ٿينداسين: مراد علي شاهه

0
109

ڀان سيد آباد: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙيون ته ڪامياب اسان ٿينداسين،

ڀان سيد آباد ۽ ڪي اين شاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اسيمبليون نه ٽٽنديون، اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار وڏي وزير کي ضرور هوندو آهي پر ان جي پويان سوچ هوندي آهي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ناهي ٽٽندي، جيڪڏهن ڪو وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙي ٿو ته ان مطلب اهو آهي ته هو پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري ٿو ۽ صوبائي ڪارونهوار هلائڻ جي اهل ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن اسيمبليون ويون تڏهن به ڪامياب اسان ٿينداسين. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ، ڀان سيدآباد، خيرپورناٿن شاهه ۽ قمبر جا دورا ڪري ٻوڏ متاثرن علائقن جو جائزو ورتو، ڊي جي، پي ڊي ايم اي سنڌ سيد سلمان شاهه  وڏي وزير کي بريفنگ ڏني،

وڏي وزير مراد علي شاهه فريد آباد ۾ ڀرڳڙي ڳوٺ جي باهه متاثر ڪٽنب جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو، وڏي وزير مراد علي شاهه واهڙ ۾ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول مراد شاهه جو به اوچتو دورو ڪيو ۽ شاگردن کان حوال احوال ورتا، انهي دوران وڏي وزير اسڪول جي بحالي جو حڪم ڏنو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here