ارشد شريف جو موت انساني حقن جو معاملو آهي،ملڪ ڇڏڻ جي سببن تي جاچ ڪئي وڃي:سپريم ڪورٽ

0
145

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته ارشد شريف جو موت نه رڳو انساني حقن جو معاملو آهي پر بيرحماڻو قتل هو سندس مُلڪ ڇڏڻ وارن سببن جي جاچ ڪئي وڃي

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ صحافي ارشد شريف قتل مامري تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيوته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب، ارشد شريف قتل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ان ايڊيشنل اٽارني جنرل چيوته اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اسپيشل جي آءِ ٽي 41 ڄڻن جا بيان رڪارد ڪيا آهن، جاچ ڪينيا، يو اي ايِ ۽ پاڪستان سميت ٽن حصن تي ٻڌل آهي، جي آءِ ٽي هاڻ وڌيڪ  انڪوائري لاءِ ڪينيا ويندي

ان تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جاچ جي ٽي مرحلا آهن، هڪ پاڪستان، ٻيو دبئي ۽ ٽيون ڪينيا آهي، ڇا پهرين مرحلي جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي؟ عامر رحمان ٻڌايو ته فيز ون جي گهڻي قدر جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ جو ڪو ٽائم فريم مقرر ڪيو ويو آهي؟ جنهن ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ جي ٽائم لائين ڏيڻ ڏکيو آهي، دبئي ۾جاچ کانپوءِ اسيشل جي آءِ ٽي ٽيم پندرنهن جنوريءَ تي ڪينيا ويندي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جاچ ۾ گڏيل قومن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ضرورت پئي ته اِهو آپشن به موجود آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here