گاجي کهاوڙ ( رپورٽ نياز ڏيپر )
گاجي کھاوڙ لڳ پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ جي رضاڪارن ۽ جيز ڪمپني ج طرفان 600 کان وڌيڪ متاثرن کي راشن بيگ ڏنا ويا جيڪي پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سنڌ جي مختلف ضلعن جي ٻوڏ متاثرين ۾ تقسيم ڪيا ويا
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه مولانا سيد فاروق حسين شاهه ۽مفتي نعيم اختر شاھ ڳالهائيندي چيو ته پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ پاران سنڌ جي مختلف ضلعن جي ٻوڏ متاثرين۾ 600 سو خاندان ۾ راشن بيگ ڏنا آهن اسان جو اھو منشور آھي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء ڪم ڪريون، ان سان گڏ اسان جو اصل مقصد صرف انسان ذات
جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن وقت ٻوڏ جي صورتحال آھي اسان جي پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ٻوڏ متاثرين جي بحاليءَ لاءِ. ڪم ڪري رهيا آهيون جنھن م ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان، گھر ٺاهڻ، مسجدون تعمير ڪرائڻ ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائڻ سميت ٻيون سرگرميون تيز ڪري رھيا آھيون
نصيرآباد پاڪ ايڊ ويلفيئر ٽرسٽ جي اڳواڻڻ مولانا صفدر سومرو،مولانا صفور سومرو ۽ رضاڪارن پنھنجا فرائض سرانجام ڏنا