وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الحان عمر به ملاقات ڪئي

0
104

جنهن دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم الحان عمر جي پاڪستان جي پهرين دوري تي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪي عوام وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا، پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس وچ ۾ ڳالهيون مضبوط ٿينديون.شهباز شريف چيو ته هو گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري جي بنياد تي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري لاڳاپا خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏئي سگهن ٿا.پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اوورسيز پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ سندن تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here