اسلام آباد جي عدالت ۾ شيخ رشيد پيش، راھداري رمانڊ تي پوليس حوالي

0
100

اسلام آباد جي عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي راهداري رمانڊ تي مري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

وفاقي پوليس شيخ رشيد کي هٿڪڙيون هڻي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هنن اڳ ۾ رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته هُنن پهريون ڀيرو رمانڊ لاءِ درخواست ڏني آهي

شيخ رشيد جي وڪيل علي بخاري چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ تازو ئي شيخ رشيد جي جوڊيشل رمانڊ جي درخواست رد ڪئي هئي، شيخ رشيد جيل ۾ آهي، ٻاهر نٿو وڃي سگهي

وڪيل علي بخاري شيخ رشيد جي عبوري رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد پراسيڪيوٽر عبوري رمانڊ بابت دليل ڏنا

پراسيڪيوٽر چيو ته شيخ رشيد جوڊيشل رمانڊ تي آهي، کيس مري جي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس جي درخواست منظور ڪندي شيخ رشيد کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو عدالت شيخ رشيد کي خميس ڏهاڙي 2 وڳي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here