تڪراري ٽوئيٽ:  اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻيهر ملتوي

0
147

اسلام آباد: تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم خان سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي اڄ به محفوظ فيصلو نه ٻڌايو ويو.

نئين مقرر ٿيل جج اعظم خان اڃا تائين اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد طور چارج ئي ناهي سنڀالي، اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي ۽ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد روانو ٿي ويا. اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ بدلي ٿيل جج راجا آصف ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اعظم سواتي جي ضمانت جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here