سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جي طوفان بعد تيز وسڪارو

0
110

سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا ۽ مٽيءَ جي طوفان کانپوءِ برسات پئي جنهن جي نتيجي ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن گرمي جو زور به ٽٽي پيو.خيرپور ۾ زوردار مٽيءَ جي طوفان بعد ڳڙي سان گڏ برسات پئي جنهن دوران ڪيترائي بجليءَ جا پول، دڪانن آڏو ڇپرا ڪري پيا.نوابشاهه ۾ ھلڪي ھلڪي برسات موسم خوشگوار برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.قاضي احمد ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ تيزي هوا کانپوءِ مينهن جو وسڪارو مينهن وسڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار بڻجي وئي.خيرپور ۾ زوردار مٽيءَ جي طوفان کانپوءِ ڳڙي واري شديد بارش.زوردار مٽيءَ جي طوفان سبب ڪيترائي بجليءَ جا پول، دڪانن اڳيان لڳل ڇپرا ۽ ٻيو سامان ڪري پيو.مٽيءَ جي طوفان ۽ ڳڙي واري برسات کانپوءِ ماڻهو خوف وچان گهرن تائين محدود ٿي ويا.رتوديرو لڳ ڳوٺ بلند سناڻي ۾ تيز طوفان ۽ برسات سبب وڻ ڪرڻ تي رهواسي 35 ورهين جو عبداللطيف عرف ڀاڳيل خان پٽ فاضل سناڻي موقعي تي فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل نوجوان پنهنجي ڳوٺ جي اسٽاپ تي ويٺو هو ته تيز طرفان سبب بيد مشڪ جو وڻ مٿان ڪري پيو جنهن ڪري هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.ڊکڻ : ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ جي ڳوٺ پيرو بروهي ۾ اوچتو آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب 13 سالن جو سڌير پٽ لڌو خان بروهي فوت ٿي ويو، جڏهن تہ ٻيو شوڪت بروهي زخمي ٿي پيو.ڊکڻ : زخمي شوڪت بروهي کي فوري طور تي نبي شاهه وڳڻ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي.ڪوٽڏيجي ڳوٺ نئون ڪوٽلو ۾ تيز هوا سبب گهر جي ڀت ڪري پئي.ڪوٽڏيجي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نئون ڪوٽلو واسي 8 سالا محفوظ علي ڪانڌڙو ولد فھیم علی ڀت هيٺان دٻجي فوت.ڪوٽڏيجي جنھن کي گھر جي ڀاتين ۽ پاڙيسرن پنھنجي مدد پاڻ ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي لیڪن معصوم ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.ڪوٽڏيجي معصوم جي فوت ٿيڻ جي تصديق تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.مدئجي، بهمڻ پلاٽ، ڳاهيجا، توربند، امروٽ، مرزاپور سميت مختلف علائقن ۾ تيز مٽيءَ طوفان بعد تيز برسات پوڻ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن سبب ٽماٽن سميت ٻين سبزين ۽ فصلن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو، مديجي شهر ۾ دڪانن جا ڇپرا پڻ آنڌاري ۾ ڪري پيا.نئين ديري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن خدابخش ڀـُٽي، خانواهه، سانول، آباد ڀٽو ، سعدو ديرو، پنجوديرو، ڪيهر، آگاڻي، ميتلا ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وقفي وقفي سان ڳڙي سان برسات پئي .صالح پٽ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات پئي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو.گپچاڻي ۽ ڀرپاسي سخت گرمي کانپو۽ تيز ھوا سان گڏ برسات جو وسڪارو موسم خوشگوار.حيات پتافي۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا مٽي جي طوفان بعد هلڪي برسات شروع موسم خوشگوار .حيات پتافي برسات پوڻ کانپوء گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي جو نظام درهم برهم.جوهي: جوهي ۽ ڀرپاسي علائقن تيز هوا مٽي جي طوفان بعد هلڪي برسات شروع موسم خوشگوار .جوهي برسات پوڻ کانپوء گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي جو نظام درهم برهم.مورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪارو شروع موسم خوشگوار برسات پوڻ گرمي زور ٽٽي پيو بجلي غائب. ٻين علائقن جيان مريدشاخ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان گڏوگڏ برسات شروع برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي ويئي . گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي غائب.ريتي ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽي جو طوفان،ريتي ۾ تيز طوفان سبب شھر اندر سائن بورڊ دوڪانن اڳيان ڇپرا به اڏامي ويا بجلي بند.رستم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪارو شروع موسم خوشگوار برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي غائب سرھاڙي :سرھاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا مٽي جي طوفان بعد تيز برسات موسم خوشگوار سرھاڙي برسات پوڻ کانپوء گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي جو نظام درهم برهم.ٽنڊو رحيم خان،ڇني گاجي شاه ۽ کيرٿر جي جابلو پٽي   سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز تہ ڪٿي ڳڙي سان گڏ هلڪي برسات. برسات کانپوء ڪاڇي ۾ گرمي جو زور ٽُٽي ويو ۽ خوسم خوشگوار ٿي وئي.جڏهن تہ تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي تيز برسات بعد موسم سياري جيان سرد بڻجي وئي.ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي تيزھوا سان گڏ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار بڻجي ويئي .نيڪال سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري برسات پوڻ ڪري گندي پاڻي جون ناليون اٿلي پيون گندو پاڻي بازارن , گھرن گھٽين ۾ تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو .تيز ھوا ۽ برسات پوڻ ڪري بجلي جو نظام درھم برھم ڪاروباري پورھيت طبقو خاص ڪري درزي حضرات سخت پريشان

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here