وڏو وزير سيد مراد علي شاھه برسات سٽيل ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا،ٻوڏ متاثر في خاندان لاءِ 25 هزار رُپين جي امداد جو اعلان

0
91

وڏو وزير سيد مراد علي شاھه برسات سٽيل ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا، وڏي وزير متاثرن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا، انتظاميه کان امدادي ڪمن بابت بريفنگ ورتي، حڪومت پاران ٻوڏ متاثر في خاندان لاءِ 25 هزار رُپين جي امداد جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تيز برساتن عوام کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو، سنڌ حڪومت ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي، پهرين مرحلي ۾ متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاڻي نيڪال ڪيو ويندو، ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن سهائتا ڪئي وڃي، وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 15 لک خاندانن کي 25، 25 هزار رُپيا ڏنا ويندا، بي آءِ ايس پي تحت متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي، هر طريقڪار تحت متاثرن جي مدد ڪئي ويندي، امدادي ڪارروائي ۾ جيڪو به ڪوتاهي ڪندو سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here