بن قاسم ڀرسان لانڍي واري علائقي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل اٺن ورهين جي نينگري مبينا جي ڪيس ۾ 10 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر ۽ ايس پي جاچ عارب مهر واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو، جڏهن ته ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر ٻارڙي جي والد کي ڪيس جي شروعاتي رپورٽن کان آگاهه ڪيو
ايس ايس پي ملير موجب، شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل ڏهن ئي جوابدارن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جڏهن ته فرانزڪ ڪرائم ٽيم شاهديون گڏ ڪري ليبارٽي اماڻي ڇڏيو آهن
ايس ايس پي چيو ته ڪيس ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي ايس ايڇ او سميت 3 آفيسر اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن