سانگهڙ ۾ پوليس جي ڪارروائي، منشيات هٿ، هڪ جوابدار گرفتار

0
117

سانگهڙ ۾ پوليس ڪارروائي ڪري منشيات هٿ ڪرڻ سميت هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.شھدادپور ۾ ھالا روڊ تي جھنڊولو شاھ چيڪ پوسٽ تي تيز رفتار ايندڙ ڪار کي پوليس پاران روڪيندي تيز رفتاري ۽ نه بيھڻ ڪري ڪار ڪلٽي ٿي وئي.پوليس وڏي تعداد ۾ ھاڃيڪار منشيات ڪار مان هٿ ڪئي.ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شھدادپور طفيل ڀٽي ٻڌايو آهي ته مٽياري کان ايندڙ ڪار ڳجھي اطلاع تي جھنڊولو شاھ چيڪ پوسٽ وٽ ناڪابندي ڪري ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش دوران تيز رفتاري ھجڻ ڪري ڪار ڪلٽي ٿي پئي.هن چيو ته ڪار مان انساني جانين لاءِ ھاڃيڪار گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جي چوري سان ڀريل 10 ٻوريون برآمد ڪيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here