پيپلز پارٽي ۽ شهباز شريف ۾ اهم عهدي جو اهم مسئلو آهي،“ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو آهي
عمران خان خوبصورت سوئنگ ڪرائي پاسيرو ٿي ويو آهي، پرڏيهي وزارت وزير اعظم جي جهاز ۾ سمرقند وڃڻ به پسند نه ڪيو، پردي پويان مفاهمت ڪوششون 15 آڪٽوبر تائين ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته روڊن تي جـُوڊو ڪراٽي ٿيندو، ايم ڪيو ايم جي سياست سندس ڳاٽي ۾ پئجي وئي آهي، وقت تي فيصلا نه ٿين ته وقت انتظار ناهي ڪندو