حيدرآباد: پوليس جون ڪارروايون، منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ 6 جوابدارن گرفتار

0
149

حالي روڊ پوليس جو چوڻ آهي ته سبزي منڊي ڀرسان چرس سپلائي ڪندڙ ٽن ڄڻن کي سوگهو ڪيو. گرفتار ٿيل عبدالرئوف جي قبضي مان 400 گرام، شعيب احمد عرف شعور مڪراڻي جي قبضي مان 350 گرام ۽ جهانگير ماڇي جي قبضي مان 300 گرام چرس هٿ ڪري مٿن ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. فورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته انهن گشت دوران شراب وڪرو ڪندڙ محمد عمران خالدي کي گرفتار ڪيو. سندس قبضي مان 24 بوتلون شراب ۽ 20 بوتلون بيئر هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل موٽرسائيڪل اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان چوري ٿي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here