دهشتگردي جو خدشو: عمران جي حفاظت لاءِ ڪي پي ۽ گلگت جا ڪمانڊوز مقرر

0
141

راولپنڊي: دهشتگردي جي خدشي سبب تحريڪ انصاف جي جلسي گاهه جي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، پنجا ب حڪومت جلسي گاهه جي سيڪيورٽيءَ لاءِ ساڍا 8 هزار اهلڪار مقرر ڪيا آهن، جڏهن ته عمران خان جي سيڪيورٽي لاءِ ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جا خاص ڪمانڊوز مقرر هوندا،

هوڏانهن تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب وفاقي سرڪار اسلام آباد جي ريڊ زون کي سيل ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير عمران خان کي دهشتگردي جي خطري سبب جلسو ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽ آهي ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، عمران خان کي مشورو آهي ته اڄ وارو جلسو ملتوي ڪري ڇڏي،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here