خيرپور ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ورهايا ويا

0
115

اسان ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار استادن ۾ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو، ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري سکر ، ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور فيض علي جسڪاڻي ۽ ٻين تعليم کاتي ۾ نئين ڀرٿي ٿيندڙ پي ايس ٽي جي 300 کان وڌيڪ استادن ۽ ماسترياڻين ۾ آفر آرڊر ورهايا اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جن جي اڻٿڪ ڪوششن سان سنڌ ۾ تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ خالي پيل جاين تي استادن جي ڀرٿي وارو عمل مڪمل ٿي رهيو آھي.ڊي سي خيرپور سيف الله ابڙو چيو ته استادن جي ڀرتي سان سوين خاندانن کي روزگار ملي رهيو آھي، هزارين شاگردن جي تعليم بهتر ٿيندي فيض علي جسڪاڻي موجب استادن جي ڀرتي سان تعليم کاتي جو نظام بهتر ٿيندو، جنهن سان تعليم کي هٿي ملندي ۽ اسڪولن ۾ پيدا ٿيل استادن جي کوٽ جو خاتمو ٿيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here