پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي 26 ميمبرن استعيفائون ڏنيون آهن: خرم شير زمان

0
82

سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر خرم شير زمان دعويٰ ڪئي آهي ته سڀني 26 ميمبرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن ۽ جڏهن به عمران خان چوندو ته استعيفائون سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائينداسين
خرم شير زمان استعيفائون وصول ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود 26 ئي ميمبرن پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، انهن عمران خان جي چوڻ تي استعيفائون ڏنيون آهن
هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ به صورتحال کان آگاهه آهي، جيئن ئي حڪم آيو ته استعيفائون سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايون وينديون، سيٽون عمران خان جي امانت آهن، ووٽ عمران خان جو هو ۽ رهندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here